ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سنگل ونڊو پاران عالمي واپاري عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ روسي ٻوليءَ ۾ هيلپ لائن سروس متعارف ڪرائي وئي آهي.
پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پي ايس ڊبليو اهم ڪاميابي ماڻيندي عالمي واپاري سهولتن کي هٿي ڏيندي روسي ٻوليءَ ۾ مخصوص هيلپ لائن سروس شروع ڪري ڇڏي آهي.
ان سروس سان وچ ايشيائي ملڪن جا واپاري، عالمي واپار ۾ فائدو حاصل ڪري سگھندا.
ان هيلپ لائن سروس کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد ٻوليءَ جي ڪري واپاري عمل ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ آهي، خاص طور تي ازبڪستان ۽ تاجڪستان جا واپاري جيڪي پاڪستان بندرگاهن کي وچ ايشيا سان درآمدن ۽ برآمدن لاءِ ٽرانزٽ روٽس جي طور تي استعمال ڪندا آهن.
اها هيلپ لائن نه رڳو رابطن ۾ مضبوطي آڻيندي پر ٽرانزٽ ٽريڊ تي لاڳو ٿيندڙ پاڪستان ڪشٽمز ۽ واپاري ضابطن جي تعميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي واپارين جي اڳواڻي ۽ مدد به ڪندي.