سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل ۽ ڪميشن جي جوڙ جڪ تبديل

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس اعجاز الحسن جي  استعيفيٰ کانپوءِ جڊيشل ڪائونسل ۽ جڊيشل ڪميشن جي جوڙ جڪ تبديل ٿي وئي آهي. نامياري صحافي عمران وسيم موجب جسٽس اعجاز الحسن کانپوءِ سينيئر جسٽس منصور علي شاهه جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر ٿي ويو. جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي جڊيشل ڪميشن جو ميمبر ٿي ويو آهي. اهڙي طرح هاڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ بعد جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻجي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.