ناميارو تعليم دان ڪنعيا لعل گربخشاڻي ديھانت ڪري ويو

شھدادڪوٽ (رپورٽ : ثمر ڀٽي) سنڌ جو ناميارو تعليم دان، علم ۽ عوام دوست شخصيت سائين ڪنعيا لعل گربخشاڻي ديھانت ڪري ويو. ڪنعيا لعل جون آخري رسمون شھدادڪوٽ ۾ ادا ڪيون ويون، ڊاڪٽر عنايت مگسي، وھاب پندراڻي، احمد علي صابر چانڊيو سميت ڪيترن ئي ترقي پسند اڳواڻن توڙي سڄاڻ شھرين ۽ شاگردن جي وڏي انگ سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. آخري رسمن ۾  شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته سائين ڪنعيا لعل جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي، ھن سموري ڄمار بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سنڌي قوم کي تعليم ۽ شعور ڏيندي گذاري. سائين ڪنعيا لعل گربخشاڻي رٽائرڊ سيڪنڊري استاد ۽ ڏاھو ھئو. جنهن سموري زندگي علمي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس تعلق ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي سياست سان رھيو. عوامي ۽ انقلابي سياست سبب کيس 1970 واري ڏھاڪي ۾ گرفتار ڪري 3 سالن تائين جيل ۾ قيد رکيو ويو. کيس ٿر ۽ لاڙ وارن علائقن ڏانهن بدليون ڪري تنگ ڪيو ويو پر ھو پوئتي نه ھٽيو. سدائين سچ جو ساٿ ڏنو ۽ کرو ڳالھايو. عملي سياست ۽ علمي خدمتن سبب ھن سموري ڄمار شادي نه ڪئي. ھن زندگيءَ جو گهڻو عرصو شھدادڪوٽ، وارھه، لاڙڪاڻو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ گذاريو. سائين ڪنعيا لعل زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين متحرڪ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.