آر جي مال باهه ڪيس ۾گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) آر جي مال باهه ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويو.ايڊيشنل اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت 8   جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايوآهي. عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن ۾ فيضان، عابد شاهه، سلطان، سليم، محمد عمران، عدنان، حسان، حاشر ۽ ياور شامل آهن. پراسيڪيوٽر سجاد علي عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته هڪ شاپنگ مال ۾ آءِ ٽي سينٽر ڪيئين هلي رهيو هو.جوابدارن صرف پنهنجي لاءِ بلڊنگ ۾ هڪ ئي لفٽ مخصوص ڪئي هئي. پراسيڪيوٽر سجاد علي مال جي بلڊنگ ۾ ڪي به حفاظتي انتظامي سامان  نه هئا. جوابدارن جي غفلت واضح آهي، ان ڪري ضمانت رد ڪئي وئي آهي، جڏهن درخواستگذارن جي وڪيل لياقت گبول چيو ته عدالت ناانصافي تي ٻڌل فيصلو ڏنو آهي، وڪيل لياقت گبول چيو ته ان فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. اسان جي جوابدارن جي اتي فقط آءِ ٽي جي آفيس هئي. آر جي مال جي فوتين جا وارثن چيو ته ضمانت نه ڏيڻ جو فيصلو درست آهي.جوابدارن خلاف شاهراهه فيصل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته آر جي مال کي باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.