خيبرپختونخواکي سي پيڪ ۾ ڪو به حصو نه مليو: سراج الحق

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن ضم شده قبائلي علائقن جي عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا، معدنيات سياحت ۽ با صلاحيت نوجوانن جي نعمت سان مالا مال صوبي ۾ چارئي طرف غربت ۽ غربت نچي رهي آهي، خيبرپختونخواه کي نه سي پيڪ ۾ حصو مليو نه ئي ٻوڏ برسات ۽ دهشتگردي کان متاثر ماڻهن کي رليف مليو آهي، ديرپائن تعلقي ۾ چونڊ مهم دوران جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته  عوام 8فيبروري تي تراجي تي ٺپو هڻي پر امن ترقي يافته خيبرپختونخواه ۽ اسلامي فلاحي پاڪستان جو بنياد رکي، اليڪشن قوم کي پنهجي تقدير بدلڻ جو بهترين موقعو آهي، هن چيو ته مسلمانن کي گهرجي ته هڪ فنڊ قائم ڪري فلسطينين جي مدد ڪئي وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.