اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا زوردار جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پشاور، ايبٽ آباد، ڪوهاٽ، مانسهره، هنگو، ديامير ۽ ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. لاهور، سرگوڌا، جهنگ، منڊي بهاءُ الدين ۽ ٻين علائقن ۾ به زلزلو آيو. آزاد ڪشمير ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ۽ اونهائي 213 ڪلوميٽر ريڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز هندو ڪش جو پهاڙي سلسلو آهي. زلزلي جي جهٽڪن کانپوءِ عوام جو وڏو انگ گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيو، خوف ۾ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جان نقصان جا اطلاع نه مليا.