حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پي ايس 67 تي مختلف قومپرست اڳواڻن ۽ راڄن جي چڱن مڙسن پاران ڀرپور حمايت جو اعلان،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان پي ايس 67 تي چونڊ مهم قومپرست اڳواڻن ۽ راڄن سان رابطن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پي ايس 67 تي حمايت جي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي ۽ قومپرست اڳواڻ نياز ڪالاڻي سان رابطا ڪيا جن پي ايس 67 تي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي ٻئي پاسي تڪ جي راڄن جي مختلف چڱن مڙسن سڌي طرح ۽ فون ذريعي رابطا ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو ڊاڪٽر قادر مگسي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آئون سنڌ جي سمورن قومپرست اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن جو شڪر گذار آهيان جن غيرمشروط اليڪشن ۾ منهنجي حمايت ڪئي آهي. اليڪشن مهم جي دوران تڪ واسين پاران جيڪي محبتون ۽ حمايتون ملي رهيون آهن انهن مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. 8 فيبروري سنڌ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته گذريل 15 سالن ۾ پ پ پ جيڪا سنڌ جي تباهي بربادي ڪئي آهي اها ڪنهن لڪل ناهي. انڪري هاڻي سنڌي جي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو پنهنجي وطن جي قومي جي بقاءُ ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ موڪلڻو پوندو جيڪي سنڌ دوست پورهيت طبقي جا نمائينده هجن. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ،قادر چنا ،امتياز سمون ،نثار ڪيريو ،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڄام شوڪت ابڙو ، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي