سُٺي ۽ پرسڪون ننڊ سمهڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

ننڊ پوري نه هجي ته نه رڳو عضوا متاثر ٿيندا آهن پر سڄي ڏينهن جا ڪم ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي.

ننڊ پوري نه هجڻ انساني طبعيت ۾ ڪاوڙ ۽ چِڙ جو سبب بڻبي آهي. ان سان گڏوگڏو ننڊ پوري نه هجڻ سان ٿَڪُ ۽ موڊ جي خرابي ۽ صحت تي سنگين اثر پوندا آهن.

ننڊ ۾ ڏکيائي ختم ڪرڻ يا پرسڪون ننڊ لاءِ هيٺ بيان ڪيل تجويزون اوهان لاءِ ڪم جون ثابت ٿي سگھن ٿيون.

ٽي وي ۽ فون

ٽي وي ڏسڻ ۽ فون استعمال ڪرڻ سان به ننڊ جو معيار متاثر ٿيندو آهي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته سمهڻ کان اڳ ٽي وي نه ڏسو ۽ فون استعمال نه ڪريو.

سمهڻ کان اڳ جون مصروفيتون

سمهڻ کان اڳ ڪجهه اهڙا ڪم لازمي ڪريو جن سان اوهان تي ننڊ طاري ٿيڻ لڳي. ان لاءِ هڪ گلاس گرم کير پيئڻ، موسيقي ٻڌڻ يا ڪتاب پڙهڻ اوهان جي مدد ڪري سگھي ٿو.

سمهڻ کان اڳ کائڻ

پُرسڪون ننڊ لاءِ سمهڻ کان گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ اڳ ڪجهه به کائڻ کان پاسو ڪريو.

چانهه يا ڪافي پيئڻ کان پرهيز ڪريو

سمهڻ کان اڳ چانهه يا ڪافي پيئڻ ۽ چاڪليٽ کائڻ کان پاسو ڪريو. انهن ۾ موجود ڪيفين رات جي ننڊ خراب ڪري سگھي ٿو.

اسٽريس کان بچو

ڪمن جي ڪري ٿَڪُ ٿيڻ ۽ ايندڙ ڏينهن جو ڪم اسٽريس جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ان سان اهڙو هارمون جاري ٿيندو آهي جيڪو ننڊ کي متاثر ڪندو آهي.

ان ڪري پنهنجي ذهن کي پرسڪون ڪرڻ لاءِ گھرو ساهه کڻڻ جون مشقون ڪريو. اِهو عمل نه رڳو سٺي ننڊ کي هٿي ڏيندو پر ٻين پريشانين کي به گھٽ ڪري سگھي ٿو.

چيڪ اپ ڪرايو

سمهڻ دوران پيرن لوڏڻ جي خواهش، کونگھرا، پيٽ جا مسئلا، سيني يا ڳلي ۾ جلن جو سور خراب ڪري سگھن ٿا.

جيڪڏهن اِهي علامتون اوهان جي رات جي ننڊ خراب ڪن ٿيو ته ڊاڪٽر سان لازمي رابطو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.