سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلاول کي موقعو ڏنو ته توهان ۽ توهان جي حقن لاءِ وڙهي سگهون.
سانگهڙ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو جو منشور ملڪ جي هر فرد لاءِ آهي، ان جو ساٿ ڏيو.
هن چيو ته منهنجو نانو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به هتي آيو هو، مان به اڄ پنهنجي ڀائرن، بزرگن جي وچ ۾ آهيان، توهان جون محبتون ياد رهنديون.
سندس چوڻ هو ته سڄي ضلعي ۾ پ پ اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو.
Prev Post
Next Post
You might also like