اسان عوام لاءِ وڙهي رهيا آهيون، هڪ ڀيرو ٻيهر جيالي کي وزيراعظم بڻائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته باقي سموريون سياسي جماعتون پنهنجي ذاتي ويڙهه وڙهي رهيون آهن، ڪو جيل کان بچڻ ته ڪو نڪرڻ لاءِ وڙهي رهيو آهي، اسان ته عوام لاءِ وڙهي رهيا آهيون.
تانديانواله ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر جيالي کي وڏو وزير ۽ وزيراعظم بڻائڻو آهي، مان توهان جو ساٿ گهرڻ آيو آهيان، اسان جو ساٿ ڏنو، توهان قائد عوام ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو، دنيا جي ڪا طاقت توهان جو رستو نٿي روڪي سگهي.
هن چيو ته اسان پاڪستان جي عوام جي قسمت تبديل ڪري ڇڏينداسين، اسان معاشي بحران مان نڪرنداسين، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪنداسين، جيڪڏهن ڪا جماعت ڪم ڪري سگهي ٿي ته اها رڳو پ پ آهي، ٻين جماعتن وٽ ڪو منشور ناهي، اسان 10 نڪاتي ايجنڊا کڻي آيا آهيون، جيڪڏهن توهان پ پ کي کٽرايو ٿا ته انهن 10 نڪتن تي عمل ڪندس.
سندس چوڻ هو ته اسان نفرت، ورهاست ۽ پراڻي سياست کي دفن ڪري نئين سوچ کڻي آيا آهيون، اسان نئين سوچ سان مسئلن جو مقابلو ڪنداسين، توهان ساٿ ڏنو ته ڪاميابي توهان جي ٿيندي، ڪاميابي تير جي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.