ڪوٽڏيجي جي وڌيڪ 7 توپن جو پتو لڳايو ويو

ڪوٽڏيجي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڏيجي جي تاريخي قلعي جي گم ٿيل توپن جي معاملي ۾ اڳڀرائي سامهون آئي آهي ته ڪوٽڏيجي جي وڌيڪ 7 توپن جو پتو لڳايو ويو.
ڪوٽڏيجي جي تاريخي قلعي جي گم ٿيل توپن جي معاملي تي قديمي آثارن واري کاتي جي ڊي جي منظور قناصري توپن جي واپسي لاءِ ڪارروائي ڪندي ڪوٽڏيجي جي وڌيڪ 7 توپن جو پتو لڳائي ورتو.
گم ٿيل توپن کي ڳري مشينري ذريعي ڪوٽڏيجي قلعي پهچايو ويو، توپون خيرپور جي ڊي سي هائوس، ايس پي هائوس ۽ ٻٻرلوءِ ٿاڻي ۾ موجود هيون.
واضح رهي ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪوٽڏيجي جي گم ٿيل توپن جو نوٽيس ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.