نَڪُ وهڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا اثرائتا گھريلو ٽوٽڪا

سياري جي موسم ۾ نزلو زڪام سڀني جو گڏيل مسئلو هوندو آهي ۽ وهندڙ نڪ ته ڪنهن آزمائش کان گھٽ نه هوندو آهي.
نڪ جي رستي ۾ بلغم جي پيداوار جي زيادتي سبب نڪ وهندو آهي.
هيٺ بيان ڪيل ٽوٽڪا وهندڙ نڪ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بهترين آهن.
گرم شربت
وهندڙ نڪ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جڙي ٻوٽي جي چانهه جهڙو ڪيمومائل، ادرڪ يا ڦودني جي چانهه مناسب چونڊ آهي.
انهن ۾ موجود سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتون ڳلي جي خرابيءَ کي پرسڪون ڪرڻ ۽ ساهه جي نالين کي صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.
ٻاڦ وٺڻ
وهندڙ نڪ کان ڇوٽڪاري لاءِ ٻاڦ وٺڻ به فائديمند طريقو آهي. ان لاءِ ڪنهن صاف ٿانو ۾ پاڻي کي سٺي طريقي سان ٻڙڪايو.
تقريبن 15 منٽن لاءِ ان پاڻيءَ مان ٻاڦ وٺو. ائين ڪرڻ سان ڄميل بلغم کي ختم ڪرڻ ۽ نڪ وهڻ کان ڇوٽڪاري ۾ مدد ملندي.
گرم پاڻيءَ سان وهنجو
وهندڙ نڪ کان ڇوٽڪارو يا بند نڪ کولڻ لاءِ گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ به بهترين آهي. گرم پاڻي سان وهنجڻ نه رڳو سيءَ ۾ راحت فراهم ڪندو پر دماغ کي به آرام ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
مصالحي وارا کاڌا کائو
مرچ مصالحن وارا کاڌا وهندڙ نڪ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ فائديمند آهن. مرچ ۾ ڪيپسيسن نالي ڪيميڪل کاڌي کي مصالحيدار بڻائيندو آهي. اهي مصالحا ساهه جي نالين کي کوليندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.