جذبن کي ڇيهو رسائڻ جي الزام ۾ نائنٿارا جي فلم هٽائي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فليڪس ڏکڻ ڀارت جي سپر اسٽار نائنٿارا جي فلم اناپوراني کي پنهنجي فارم تان هٽائي ڇڏيو آهي جڏهن ته فلم جي مک اداڪارا نائنٿارا ۽ اداڪار جئي سميت هدايتڪار نيليش ڪرشنا ۽ پروڊيوسر جتن سيٺي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

نيٽ فليڪس تمل فلم اناپوراني کي ساڄي ڌر جي هندو جماعت طرفان تڪرار اٿڻ بعد پليٽ فارم تان هٽايو ويو آهي.

هندو جماعت وشوا هندو پريشد طرفان الزام لڳايو ويو آهي ته فلم جي ڪجهه منظرن ۾ مذهبي جذبن کي ڇيهو رسايو ويو آهي.

تڪرار بعد فلم پروڊيوسر زي اسٽوڊيو خط ذريعي وي ايڇ پي کان معافي به گهري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.