ڀارتي فوج ۾ عورت آفيسرز کي جنسي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت فوج ۾ عورت آفيسرز کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ جا انڪشاف سامهون آيا آهن.
رپورٽ موجب ڀارتي فوج ۾ عورت اهلڪار پنهنجن ئي آفيسرن کان غير محفوظ بڻيل آهن، ڀارتي فوج جي اعليٰ آفيسرن جو غير اخلاقي چهرو وائکو ٿي ويو آهي، 123 عورت اهلڪارن جنسي طور هراسان ڪرڻ جون شڪايتون داخل ڪرايون آهن.
تازو ئي هڪ ڀارتي عورت ليفٽيننٽ ڪرنل گوري مشرا ساٿي آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل ديويش مکرجي تي زيادتي جو سنگين الزام لڳايو.
عورت آفيسر ٻڌايو ته هن جون غير اخلاقي وڊيو ٺاهيون ويون ۽ پوءِ بليڪ ميل ڪيو ويو، گذريل 3 سالن ۾ 123 عورت اهلڪارن جنسي هراسانيءَ جون شڪايتون داخل ڪرايون.
دفاعي تجزيه نگارن جو چوڻ هو ته فوج ملڪ لاءِ بدناميءَ جو سبب بڻجندي پئي وڃي، اڪنامڪ ٽائمز موجب آگسٽ 2019 ۾ هڪ ميجر جنرل کي پنهنجي ساٿي عورت آفيسر کي جنسي طور هراساڻ ڪرڻ تي فوج مان ڪڍيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.