دنيا جي پهرين آر پار ڏيکاريندڙ ٽي وي متعارف

ٽيڪنالاجي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي ماڻيندي ٽرانسپيرنٽ ٽي وي ٺاهي ورتي آهي، هي اهڙي ٽي وي آهي جنهن جنهن جي آر پار ڏسي سگهجي ٿو ۽ جڏهن ته هن کي هلائڻ يا بند ڪرڻ جي ضرورت ناهي پوندي.

هي بند هوندي آهي ته مختلف شڪلون ڏيکاريندي آهي ۽ جڏهن ڪا شئي هلائي ويندي آهي ته پوءِ خوبصورت رنگن سان ڏيکاريندي آهي.

اها ٽي وي مشهور ڪمپني ايل جي طرفان تيار ڪئي وئي جنهن کي لاس ويگاس ۾ متعارف ڪرايو ويو.

ڪمپني ٻڌايو ته هي دنيا جي پهرين وائرليس ٽرانسپيرنٽ او ايل اي ڊي ٽي وي آهي جنهن جي ريزيوليوشن فور ڪي آهي.

هن وقت ان ٽي وي جو اگهه ناهي ٻڌايو ويو جڏهن هيءَ مارڪيٽ ۾ ايندي ته هن جو اگهه ٻڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.