واٽس ايپ ۾ وڊيو ڪال لاءِ نئون فيچر متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) انسٽنٽ ميسيجنگ پليٽ فارم واٽس ايپ پنهنجن اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ وڊيو ڪال دوران ميوزڪ آڊيو شيئرنگ جو فيچر متعارف ڪرائڻ پيو وڃي.
رپورٽ موجب ڪمپني پاران ڪجهه بيٽا واهپيدارن کي وڊيو ۽ ميوزڪ آڊيو هڪ ئي وقت ٻڌڻ جي صلاحيت جاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ڪو واهپيدارن ڪال دوران اسڪرين شيئر ڪندو ته ان وقت ان جي ڊوائيس تي هلندڙ آڊيو به ڪال تي موجود ٻين سان شيئر ٿيندو. اهم ڳالهه اها آهي ته اهو فيچر انفرادي ڪال ۾ به هڪ جيترو ڪم جو هوندو.
رپورٽ موجب اهو نئون فيچر گروپ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ نه رڳو گڏ هجڻ جو احساس رکندو پر ٻن ماڻهن جي نجي ڳالهه ٻولهه ۾ به دلچسپ اضافو ثابت ٿيندو.
وڌيڪ اهو ته واهپيدار ڪال ۾ گڏجي وڊيوز به ڏسي سگھندا. اهو فيچر وڊيو ڪال دوران آڊيو شيئرنگ فيچر سان گڏ زمائش هيٺ آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو فيچر ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.