ٻوڙن ماڻهن کي ٻڌڻ ۾ مدد ڪندڙجديد عينڪ متعارف

لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) عينڪ ٺاهيندڙ ڪمپني ايسيلور لگزوٽيڪا ٻڌڻي جو اوزار لڳل عينڪ جلد وڪري لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪمپني پاران اهو اعلان لاس ويگس ۾ جاري ڪنزيومر اليڪٽرونڪ شو (سي اي ايس) 2024ع ۾ ڪيو ويو آهي.
عينڪ ٺاهيندڙ ڪمپني پنهنجي عينڪ سان گڏ ٻڌڻ جي اوزار جي مارڪيٽ ۾ پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اها عينڪ چهري جر رخ کان ايندڙ آواز کي واضح ڪندي.
ڪمپني پاران ان عينڪ جو اعلان اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن ڪجهه عرصو اڳ هڪ تحقيق ۾ خبر پئي هئي ته ٻڌڻ جي ڪمزوريءَ ۾ مبتلا اُهي پوڙها ماڻهو جيڪي ٻڌڻ جو اوزار پهريندا آهن انهن ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو 24 سيڪڙو گھٽ هوندو آهي.
نوانس آڊيو نالي ان نئين اوزار جو وڪرو آمريڪا ۾ جلد شروع ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ 2025ع جي شروعاتي ۾ اها ڊوائيس يورپ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.
اها عينڪ ٻڌڻي ٻڌڻ جي سگھهه جي معمولي ڪمزوري جي شڪار ماڻهن لاءِ بڻائي وئي آهي. ڪمپني جي مالڪ موجب نوانس آڊيو جي اندر اربين ماڻهن جي زندگي بهتر ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.
ڪمپني جي نمائندي موجب في الحال ان ڊوائيس جي قيمت مقرر نه ڪئي وئي آهي پر روايتي اوزار کان ان جي قيمت واضح طور تي گھٽ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.