رضوان کي مشاورت بنا نائب ڪپتان بڻايو ويو، ڪامران اڪمل پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي سليڪشن ڪميٽي جي ڪنسلٽنٽ ڪامران اڪمل چيو آهي ته محمد رضوان کي پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ڪيو، جڏهن سندس مقرري بابت ڪميٽي سان مشاورت نه ڪئي وئي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته محمد رضوان جي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي شاندار رهي آهي، کيس ذڪاءَ اشرف نائب ڪپتان مقرر ڪيو آهي، ون ڊي ڪرڪيٽ جي لاءِ ڪپتان جو فيصلو ناهي ٿيو.
ڪامران اڪمل چيو ته سليڪشن ڪميٽي جي علائقائي ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن تي گهري نظر آهي، بئنچ اسٽرينٿ کي مضبوط ڪرن لاءِ وڌيڪ اوپنرن جي چونڊ ڪئي.
سندس چوڻ هو ته اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان تسلسل سان پاڪستان لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، هاڻي نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ جو وقت اچي ويو آهي.
هن چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ لاءِ پاڪستان جي ڪپتان بابت اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
ڪامران اڪمل چيو ته پي سي بي جي انتظام هيٺ ڪراچي ۾ جاري ڊوميسٽڪ ايونٽ پريزيڊنٽ ڪپ ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته ڊوميسٽڪ سيزن جي پڄاڻي کانپوءِ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيهه رانديگرن جو پول ٺاهيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ قومي ٽيم کي مضبوط هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.