گورنر جو مفت موبائيل فونز ۽ موٽرسائيڪلون ورهائڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران تيسوري ڪراچي ۾ مفت موبائيڪلون ۽ موبائيل فونون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن گورنر هائوس ۾ لاعلاج مرض ۾ مبتلا ٻارن جون خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ تقريب رٿي وئي.

ان تقريب دوران خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته نئين بائيڪ ۽ موبائيل فون حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽريٽ ڪرائمز جي متاثرن کي پنهنجو اصل ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فرسٽ انفارميشن رپورٽس گورنر هائوس ۾ پيش ڪرڻيون پونديون.

ان موقعي تي گورنر سنڌ هيلٿ انشورنس جو به اعلان ڪيو جنهن سان شهري پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاتين جو 5 لک رپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهندا.

هن چيو ته هن مان هر ڪو فائدو کڻي سگهندو جيڪو شرط شروط پورا ڪندو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.