پاڪستان ۾ گئس جا نوان ذخيرا هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گئس جا نوان ذخيرا هٿ ڪيا ويا، اتر وزيرستان ۾ شيوا 2 کوهه مان 0.607 ملين ڪيوبڪ فوٽ روز جي بنياد تي گئس حاصل ٿيندي.
ماڙي پيٽروليم اتر وزيرستان مان گئس دريافت ڪري ورتي، ڪمپني طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شيوا 2 کوهه مان 0.607 ملين ڪيوبڪ فوٽ روز گئس حاصل ٿيندي.
پڌرائيءَ موجب گئس وزيرستان ۾ شيوا 2 کوهه جي کوٽائي دوران دريافت ٿي، شيوا 2 کوهه جي کوٽائي 2 جون 2023 ۾ شروع ڪئي وئي هئي، ان جي 4577 ميٽرن تائين کوٽائي ڪئي وئي.
ماڙي پيٽروليم چيو ته نئين دريافت سان ملڪي گئس ذخيرن ۾ بهتري ايندي، ان علائقي ۾ ماڙي پيٽروليم جا 55 سيڪڙو شيئرز آهن، جڏهن ته او جي ڊي سي ايل جا 35 سيڪڙو ۽ او پي آءِ جا 10 سيڪڙو شيئرز آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.