اي آر رحمان جي نوجوانن لاءِ بهترين نصيحت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي موسيقار اي آر رحمان انڪشاف ڪيو آهي ته هن جواني ۾ ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪرڻ جو سوچيو پر سندس ماءُ جي رڳو هڪ نصيحت هن جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي.
اي آر رحمان هڪ تقريب دوران شاگردن سان ڳالهائيندي پنهنجي ڪيريئر ۽ جواني ۾ آپگهات جي خيالن سان وڙهڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اي آر رحمان چيو ته جڏهن آئون نوجوان هيس ته مون کي آپگهات ڪرڻ جا خيال ايندا هئا، مون کي پنهنجي زندگي بيڪار لڳندي هئي، آئون ڪيترائي ڀيرا آپگهار ڪرڻ جو به سوچيو، انهيءَ دوران منهنجي ماءُ مون کي هڪ نصيحت ڪئي جنهن جي ڪري اڄ آئون هڪ ڪامياب انسان آهيان ۽ آئون اُها نصيحت ٻڌڻ کان پوءِ ڪڏهن به آپگهات جو نه سوچيو.
موسيقار پنهنجي ماءُ پاران ڪيل نصيحت بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجي ماءُ مون کي چيو هو ته جڏهن تون ٻين لاءِ جيئڻ شروع ڪندين ته توکي اهڙا ناڪاري خيال نه ايندا، اها سڀ کان خوبصورت نصيحت هئي جيڪا منهنجي ماءُ پاران مون کي ملي.
اي آر رحمان جو چوڻ هو ته آئون آئون پنهنجي ماءُ جي نصيحت تي عمل ڪندي ٻين لاءِ جيئڻ شروع ڪيو، آئون پنهنجي اندر مان خود غرضي ختم ڪئي تنهنڪري اڄ آئون ان مقام تي پهتو آهيان، آئون زندگيءَ جو حقيقي مقصد سمجهي ورتو.
موسيقار شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن اوهان ٻين لاءِ جيئندا آهيو ته اوهان خود غرض ناهيون هوندا، تڏهن اوهان کي زندگي جو مطلب خبر پوندي آهي، اوهان ٻين کي کاڌو کارائي، انهن لاءِ شيون خريد ڪري انهن جي چهرن تي مُرڪ آڻيندا آهيو ته اوهان کي به دل سان خوشي ٿيندي آهي.
هن چيو ته هر انسان پنهنجي زندگي ۾ ڏکئي وقت جو تجربو ڪندو آهي، اُن وقت انسان مايوسي جي وڪڙ ۾ اچي ويندو آهي ۽ کيس اهو لڳندو آهي ته بس هاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، اُهو انسان اِهو وساري ڇڏيندو آهي ته هن دنيا جي زندگي ته هڪ مختصر سفر آهي.
سندس چوڻ هو ته زندگي جي حقيقت اها ئي آهي ته اسان عارضي طور تي مختصر وقت لاءِ هن دنيا ۾ آيا آهيون ۽ اسان پنهنجو وقت مڪمل ٿيڻ تي هن دنيا مان هليا وينداسين، تنهنڪري اسان کي پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان نه ٿيڻ گھرجي ڇو جو هيءَ دنيا فاني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.