نواز شريف صدر، آصف زرداري وزيراعظم، مريم پنجاب ۽ بلاول سنڌ جو وڏو وزير، غور شروع

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ 8 فيبروري تي اعلانيل چونڊن بابت هلندڙ بحث مباحثو آخرڪار پڄاڻيءَ تي پهچي ويو آهي. نامياري  تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته هاڻي هر طرف کان اهي اشارا ملي رهيا آهن ته چونڊون مقرر وقت تي ٿي رهيون آهن، شرط اهو آهي ته ان وچ ۾ خدا نه ڪري ڪو اهڙو حادٿو  رونماٿئي جنهن ڪري چونڊون اڳتي هليون وڃن ٻي صورت ۾ نوانوي سيڪڙو خاطري ٿي وئي آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن، هوڏانهن نامياري تجزئي نگار معظم فخر جو چوڻ آهي ته تاحيات نااهلي جي خاتمي جو فيصلو اچڻ کانپوءِ مقرر وقت تي چونڊون ٿيڻ جي پڪ ٿي وئي آهي. جنهن کانپوءِ ن ليگ جي ٽڪيٽن جي قيمت چئوڻ تي وڌي وئي آهي ۽ اميدوارن جي پيهه وڌي وئي آهي. جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته ميان نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ مستقبل بابت  ٻه منصوبا پيش ڪري ڇڏيا آهن. هڪ ته 6 سال جو منصوبو آهي، جنهن دوران ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي رهندي گڏجي ملڪ کي معاشي طور سگهارو ڪنديون ان لاءِ ايف آءِ ايف سي جو ڪنٽرول اسٽيبلشمينٽ وٽ هوندو. ان لاءِ نواز شريف کي ماضيءَ وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو. ٻيو منصوبو 10 سالن جوآهي جيئن ملڪ کي معاشي طور حقيقي معنيٰ ۾ ايشيا جو ٽائيگر ثابت ڪرڻو آهي، ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي سول حڪومت کي مڪمل پٺڀرائي حاصل هوندي. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته نواز شريف وزيراعظم ٿيڻ بدران صدارت قبول ڪري ۽  وزيراعظم لاءِ پارٽيءَ  جي ڪنهن اڳواڻ کي ذميواريون ڏئي ان بعد پنجاب جي وڏ وزارت ڀلي مريم نواز شريف کي ڏني وڃي، بلڪل ايئن جيئن ماضيءَ ۾ آصف علي زرداري صدارت جو منصب سنڀاليو ۽ وزيراعظم جون مڪمل اختيارن سان يوسف رضا گيلاني حوالي ڪيون هيون 10 سالن جي منصوبن تي عمل لاءِ مستقبل ۾ ضروري سمجهيو وڃي ته موجوده اسٽيبلشمينٽ جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. ان حوالي سان ن ليگ جي سينيٽر مشاهد حسين به نواز شريف کي مشورو ڏنو آهي ته هو صدارت قبولي وٺي. مشاهد حسين اها ڳالهه بظاهر ته پنهنجي طرفان ڪئي آهي پر باخبر حلقا سمجهن ٿا ته مشاهد حسين دراصل اسٽيبلشمينٽ جو پيغام نواز شريف کي پهچايو آهي، جنهن کانپوءِ ن ليگ جي سينيئر قيادت ان حوالي سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، نواز شريف کي وزيراعظم نه ٿيڻ جو مشورو ان لاءِ به ڏنو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينت جي بااثر حلقي جو خيال آهي ته نواز شريف 3 سال به اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هلي نه سگهندو. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ آصف علي زرداري کي به نظرانداز ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ مولانا فضل الرحمان به وڏو حصيدار آهي، ان ڪري انهن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو. اهو به ممڪن آهي ته آصف علي زرداري وزيراعظم  ٿي وڃي،مولانا فضل الرحمان سينٽ چيئرمين ٿي وڃي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان صدارت جو اميدوار آهي پر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف  کي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ  تي راضي ڪري سگهن ٿا. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽي  وٽ سنڌ هوندي جتي پارلياماني سياست جي تجربي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جو وڏو وزير ۽ پنجاب ن ليگ وٽ هوندو جتي مريم نواز کي  پارلياماني سياست جي تجربي لاءِ ن ليگ  وڏو وزير ڪري سگهي ٿي. ان حوالي سان چونڊن جا نتيجا مستقبل جي حڪومتي جوڙ جڪ کي وڌيڪ واضح ڪري سگهن ٿا. ڇو ته پاڪستان آهي هتي ڪجهه به ممڪن آهي .ياد رهي ته آصف زرداري وزيراعظم يڻ جو پاڻ به اشارو ڏنو هو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 10 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.