گذريل سال ملڪ مان 2633 ٻار گم ۽ 1942 بازياب ٿيا، رپورٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) روشني هيلپ لائن 1138 جي ريسرچ ٽيم هلندڙ سال سڄي ملڪ مان گم ٿيندڙ ٻارن جي حوالي سان پنهنجي ريسرچ رپورٽ شايع ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال پهرين جنوري کان 31 ڊسمبر 2023 تائين اداري کي مختلف ذريعن سان سڄي ملڪ مان 2633 ٻارن جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي، جن مان 1942 ٻارن کي پنهنجي رضاڪارن، پوليس ۽ ساٿي ادارن جي مدد سان ڳولي والدين حوالي ڪيو ويو ۽ 658 ٻار اڃا تائين گم آهن، انهن جي ڳولا جاري آهي.
ريسرچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته انهن گم ٿيل ٻارن ۾ 2140 ڇوڪرا ۽ 493 ڇوڪريون شامل آهن، عمر جي انگن اکرن موجب پيدائش کان وٺي 5 سالن تائين عمر جي ٻارن جون 354 شڪايتون داخل ٿيون، 6 کان 10 ورهين جي عمر جا 596 ڪيس وصول ٿيا، جڏهن ته هڪ افسوسناڪ ۽ ذڪر جوڳي ڳالهه اها به سامهون آئي آهي ته 2022 جي ڀيٽ ۾ گذريل سال گهرن مان ڀڄي ويندڙ 11 کان 15 سالن تائين عمر جي ٻارن جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ ٿي، گذريل سال 11 سالن کان 15 سالن تائين جي عمر جا 1299 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 16 سالن کان 17 سالن تائين جي ٻارن جا 384 ڪيس سامهون آيا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گم ٿيل ٻارن مان گهرن مان ڀڄي ويندڙ ٻارن جو انگ 1051 ٿئي ٿو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ آهي، ٻارن جي ڀڄي وڃڻ جو بنيادي سبب ٻارن ۽ والدين وچ ۾ فاصلو آهي ۽ ٻارن تي والدين طرفان علمي ميدان ۾ مڙهيل جبري فيصلا آهن، جن کان تنگ اچي ٻارن گهرن مان ڀڄڻ جو ڏکيو رستو اختيار ڪيو ۽ وڌيڪ اهڙا ڪيس به سامهون آيا، جن ۾ ٻارن گهريلو معاملن، والدين جي اڻبڻت سبب دلبرداشته ٿي گهر ڇڏيو.
رپورٽ موجب 7 ننڍي عمر جي ٻارن کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، 23 ٻار اغوا ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪرايا ويا، سڄي ملڪ ۾ 33 ٻار مُئل حالت ۾ مليا، انهن ۾ 7 ٻار گٽرن ۽ کليل نالن جو شڪار بڻجي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا، وڌيڪ 5 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو ۽ 7 ٻارن کي مختلف سببن جي بنياد تي قتل ڪيو ويو.
ريسرچ ٽيم گمشدگي جي واقعن جو صوبائي سطح تي مشاهدو ڪيو ته اها ڳالهه سامهون آئي ته چئني صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ مان 1543 گمشدگي جون شڪايتون وصول ٿيون، جڏهن ته پنجاب 805 ڪيسن سان ٻئي نمبر تي رهيو، اهڙي ريت خيبر پختونخواهه مان 113 گمشدگي جا واقعا رپورٽ ڪيا ويا، بلوچستان مان 35 گمشدگي جا واقعا رپورٽ ٿيا ۽ اسلام آباد مان 125 شڪايتون داخل ڪيون ويون، جڏهن ته آزاد ڪشمير مان 11 شڪايتون ۽ گلگت بلتستان مان هڪ گمشدگي جي شڪايت وصول ٿي.
ان موقعي تي روشني هيلپ لائن جي سربراهه محمد علي چيو ته روشني هيلپ لائن جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۾ انهن جي والدين جي مدد سان گڏ انهن کي بهتر طريقي سان رهنمائي به فراهم ڪري ۽ اهو مشن گذريل 24 سالن کان جاري آهي ۽ انشاءَالله اڳتي به ائين ئي جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.