ڪورونا وائرس جي نئين قسم جون علامتون ڪهڙيون آهن؟

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو نئون قسم جي اين هڪ گھڻي تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ به ان حوالي سان احتياطي قدم کنيا پيا وڃن.
آمريڪي سميت دنيا جي مختلف حصن ڻ ڪورونا وائرس جو اهو نئون قسم سڀ کان وڌيڪ ڪيسن جو سبب بڻجي رهيو آهي.
اوميڪرون ويريئنٽس جو اهو ماتحت قسم گھڻن ڪيسن ۾ سنگين حد تائين بيمار ڪرڻ جو سبب نٿو بڻجي پر پوءِ ان سان اسپتال پهچڻ يا موت جو خطرو موجود آهي.
طبي ماهرن موجب گھڻن ماڻهن جي ويڪسينيشن يا ڪووڊ مان متاثر ٿيڻ سبب وائر جي خلاف مدافعت پيدا ٿي چڪي آهي.
ماهرن ٻڌايو ته مدافعتي تحفظ وقت سان گڏ گھٽجي ويندو آهي پر ان سان سنگين حد تائين بيمار ٿيڻ کان تحفظ ملندو آهي.
ان نئين قسم جون علامتون ڪهڙيون آهن؟
ڪووڊ جي ان نئين قسم جون علامتون اوميڪرون جي ٻين قسمن جهڙيون آهن.
ڳلي جي خرابي، نڪ بند ٿيڻ، نڪ وهڻ، کنگهه، ٿَڪُ، مٿي ۾ سور، سنڌن ۾ تڪليف، بخار يا ٿڌ لڳڻ، سُنگھڻ يا نِڇَ جي حسن کان محروم ٿيڻ، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، اوقارا يا اُلٽي اچڻ، ننڊ اچڻ جهڙي ڪيفيت جو احساس ۽ ڊائريا ان نئين قسم جون علامتون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.