ڀارتي ڪرڪيٽر ميچ دوران دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

نوئيڊا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ ميچ دوران ڪرڪيٽر پِچ تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو جنهن وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 34 ورهين جو وڪاس نيگي ڀارتي اتر پرديش رياست جي شهر نوئيڊا ۾ مقامي سطح تي کيڏي ويندڙ ميچ دوران بيٽنگ لاءِ ڪريز تي موجود هيو.
وڊيو ۾ وڪاس نيگي کي ساٿي رانديگر اميش ڪمار پاران چوڪو لڳائڻ کانپوءِ کيس داد ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو.


وڊيو ۾ وڪاس ۾ جيئن اميش ڪمار وٽ پهتو تي سور جي شدت سبب هيٺ پٽ تي ڪِري پيو جنهن کانپوءِ ٽيم جي ٻين رانديگرن وڪاس کي چئني پاسي گهيري ورتو ۽ طبي ٽيم به گرائونڊ ۾پهتي جنهن بعد کيس اسپتال نيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، وڪاس کي نوئيڊا جي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو زندگي جي جنگ هارائي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.