ڪنڌڪوٽ: آفيس ۾ ستل اليڪشن ڪميشن جا 4 ملازم فوت

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ جي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ گيس ليڪيج سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب 4 ملازم فوت ٿي ويا.
ضلعي ڪامپليڪس آفيس ۾ ستل ملازم هيٽر جي مان گيس ليڪ ٿيڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڪري فوت ٿي ويا.
فوتي ملازمن ۾ سب اسسٽنٽ عبدالرئوف، ڊيٽا انٽري آپريٽر فريد احمد،. ماجد علي ۽ اليڪشن ڪمشنر آفيسر مشتاق احمد مگسي شامل آهن.
اليڪشن ڪميشن آفيس جي اختيارين موجب فوتي ملازم رات جو دير تان آفيس ۾ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ آفيس ۾ سمهي پيا جنهن بعد ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا.
فوتي ملازمن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.