نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي، پاڪستان پليئنگ اليون جو خاڪو تيار

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف آڪلينڊ ۾ شيڊيول پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو خاڪو تيار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شاهين آفريدي جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم چئن فاسٽ بالرن سان ميدان ۾ لهندي، ڪپتان شاهين کانسواءِ حارث رئوف ۽ زمان خان سان گڏ چوٿون فاسٽ بالر عامر جمال هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ليگ اسپنر اساما مير تي محمد نواز کي ترجيح ڏني ويندي جڏهن ته صائم ايوب وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان سان اننگز جي شروعات ڪندو.
ذريعن موجب، اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ون ڊائون پوزيشن تي کيڏندو، فخر زمان چوٿين نمبر تي کيڏڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم خان يارنهن رڪني ٽيم شامل ٿيو ته وڪيٽ ڪيپر طور کيڏندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ٻارنهن جنوري جمعي جي ڏينهن آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي، شاهين آفريدي پهريون ڀيرو پاڪستان ٽيم جي قيادت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.