اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل، پي ٽي آءِ جو ” بيٽ “ وارو چونڊ نشان بحال

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چونڊ نشان بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان بحال ڪري ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس سيد ارشد علي پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس سيد ارشد علي پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي سيڪشن تحت ان پارٽي خلاف ڪارروائي ڪئي؟ درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن ايڪٽ سيشن 215 تحت ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اليڪشن جو نتيجو ته ست ڏينهن جي اندر جمع ڪيو ويو آهي، درخواستگزار جي وڪيل جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ڏسڻو هو ته سيڪشن 208 تحت انٽرا پارٽي چونڊون ٿيون، سڀني چيو پي ٽي آءِ باني جيئن چوندو ائين ٿيندو.
جسٽس اعجاز انور رمارڪس ڏيندي چيو ته سڀني پارٽين کي هڪ ئي خاندان جا ماڻهو هلائي رهيا آهن، شايد هي واحد پارٽي آهي جيڪا ڪارڪنن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل بئرسٽر ظفر درخواستگذارن جي وڪيلن جي اعتراضن تي جواب ڏيندي چيو ته ڌرين جي وڪيلن عدالتي اختيار تي سوال اُٿاريا، عدالتي اختيارن واري دائري تي ڪهڙا اصول لاڳو ٿين ٿا اِهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، آرٽيڪل 199 هاءِ ڪورٽ کي ٻڌڻي جو اختيار ڏئي ٿو.
عدالت درخواستگذارن، اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان ”بيٽ“ بحال ڪري ڇڏيو.
عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف سياسي جماعت آهي ۽ چونڊ نشان جي حقدار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.