سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن ۾ مٿس اثاثن بابت الزام هئا جڏهن ته سندس هڪ مبينا آڊيو به سامهون آئي هئي، ان سلسلي ۾ هن ڪائونسل کي پنهنجو تفصيلي جواب جمع ڪرايو هو.
جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي استعيفيٰ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن اُماڻي، جنهن جسٽس مظاهر علي نقوي موقف اختيار ڪندي چيو ته سندس لاءِ پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي رهيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فرض انجام ڏنا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جسٽس مظاهر نقوي جي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.