جبري گمشدگين ۽ سنڌ جي زمين ادارن کي ڏيڻ خلاف ٽورنٽو ۾ مارچ

ٽورنٽو (ع  آ نيوز) ماه رنگ بلوچ جي احتجاجي تحريڪ سان يڪجهتي جي اظهار ۽ سنڌ جي 53 هزار ايڪڙ زمين ادارن کي ڏيڻ خلاف ڪالهھ ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ لانگ مارچ ۽ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، بلوچ هيومن رائٽس ڪائونسل، سينٽر فار پيس اينڊ ڊيموڪريسي، پشتون ڪائونسل ڪئناڊا جي اڳواڻن خطاب ڪيو. هن احتجاجي مظاهري جي ڪارروائي سنڌي، اردو ۽ پنجابي جي نامياري شاعره روحي ڪلهوڙو هلائي، جنهن پنهنجي مزاحمتي شاعريءَ سان احتجاج جي شروعات ڪئي. احتجاج ۾ جبري گمشدگين ۽ سنڌ جون زمينون ادارن کي حوالي ڪرڻ ۽ مظلوم قومن جي حقن جي ڀڃڪڙين خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ڪئناڊا ۾ برفباري ۽ تيز هوا سبب سخت ٿڌ  باوجود معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪيترا ئي ماڻهو هن احتجاجي سڏ جو حصو بڻيا.احتجاجي مظاهري ۾ تقرير ڪندي  حاجن ڪلهوڙو،  ڊاڪٽر ظفر بلوچ، سراج خان،  نادر بلوچ ۽ ممتاز خان تقريرون ڪندي ڊاڪٽر ماهه رنگ جي جدوجهد سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان جبري گمشدگين جو سلسلو ختم ئي نٿو ٿئي. ماهه رنگ جهڙين ڪيترين نياڻين جا ڀائر، والد ۽ ور زوري کنڀجي ٿا وڃن،  ڪيترا خاندان آهن جيڪي پنهنجي گم ٿيل نوجوانن جي واپسيءَ واري انتظار ۾ روز جيئن ٿا، روز مرن ٿا. ان حوالي سان ماهه رنگ جو لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهچڻ مظلوم ماڻهن لاءِ ڪنهن آٿت کان گهٽ ڪونهي.احتجاج تي فضا ڪلهوڙو انگريزي ۾ پنهنجي لکيل هڪ ڊرافٽ پڙهي ٻڌايو، مظاهري دوران حنا بلوچ پڻ شاعريءَ جي صورت ۾  ڏاڍ کي بي نقاب ڪيو. فضا ڪلهوڙو ڳالهائيندي چيو ته، اسان سڀ بلوچ، سنڌي، پشتون، سرائيڪي هتي ان ڪري گڏ ٿيا آهيون، جو اسان جا درد ساڳيا آهن. اسان جا نوجوان ڀائر روز کنڀجي رهيا آهن، اسان جي  وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي. معاشي صورتحال ايتري خراب آهي، جو معصوم ٻار بک وگهي زندگيون وڃائي رھيا آھن،اڄ به هندو ڀائرن جي نياڻين کي زوري اغوا ڪري مسلمان ڪيو پيو وڃي، جنهن خوف ۾ اهي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور آهن. هڪڙي پاسي اها صورتحال آهي ۽ ٻئي پاسي اسان جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي وڃي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين اڳواٽ ئي مختلف رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ ادارن جي حوالي آهي ۽ هاڻي وري ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ 53 هزار ايڪڙ زرعي زمين ادارن کي ڏيڻ جو نگران حڪومت فيصلو ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جو وجود ميسارڻ لاءِ هڪ نئون وار آهي. اسان اڄ سڀ هتي ان مقصد لاءِ گڏ ٿيا آهيو ته  سنڌين، بلوچن، پشتونن ۽ سرائيڪين سان ڪيتريون  ناانصافيون ٿي رهيون آهن. اهڙين رياستي ناانصافين مان ڇوٽڪاري لاءِ اسان سڀني کي گڏ رهڻو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.