طاقتور کي قانون جي تابع ڪرڻ تي سزا ڏني پئي وڃي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته توشا خانا ڪيس ۾ پٽيوالي سميت ٻن ڄڻن خلاف منهنجي خلاف سلطاني شاهد بڻايو ويو آهي.
توشا خانا ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته توشا خانا ۾ چيو ويو آهي ته مان پنهنجي آفيس بواءِ ذريعي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ اربن جو فائدو حاصل ڪيو، وزيراعظم طور مان ڪنهن ٻئي جو نه پر پنهنجي آفيس بواءِ جو استعمال ڪيان؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي.
هن چيو ته منهنجي خلاف پٽيوالي سميت ٻن ڄڻن کي سلطاني شاهد بڻايو ويو آهي، ڇا هي معاشرو امر باالمعروف تي هلي رهيو آهي؟ جڏهن ته هي هڪ اسلامي معاشرو آهي، معاشرو چڱائي، برائي تي هوندو آهي، چڱائي ختم ٿئي ته معاشرو ختم ٿي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان طاقتور کي قانون جي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي مون کي سزا ڏني پئي وڃي.
سپريم ڪورٽ جي نااهلي بابت فيصلي تي عمران خان چيو ته اهو عدالتي فيصلو آهي، ان تي ڪو تبصرو نه ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.