پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو قومي ناڻي کي راتاهو، نيب رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) پاران به قومي ناڻي مان ڪروڙين رُپيا وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پاڪستان اسپورٽس بورڊ ( پي ايس بي ) نيب انڪوائري دوران پنج سالن دوران ٿيل خرچن جي رپورٽ  جمع ڪرائي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2017ع چيمپئينز  ٽرافي فاتح ٽيم کي ويهه ڪروڙ کان وڌيڪ جي رقم پاڪستان اسپورٽس بورڊ ادا ڪئي.

2017ع ۾ آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي فاتح ٽيم جي رانديگرن لاءِ  تڏوهڪي وزيراعظم نواز شريف هڪ، هڪ ڪروڙ رُپين جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته ڪوچنگ اسٽاف لاءِ پنجاهه لک ۽ ٻئي اسٽاف لاءِ پنجويهه لک رُپين جو اعلان ڪيو ويو هو.

حڪومت، اعلانيل انعامي رقم پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي فنڊز مان جاري ڪئي هئي، پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي حڪومت طرفان جيڪي فنڊز مليا اِهي بنيادي طور تي ٻين راندين تي خرچ ٿيڻ لاءِ رکيا ويا هئا.

عام طور تي وزيراعظم جي اعلانيل انعامي رقم جو صوابديدي فنڊز مان جاري ٿيندا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته اِها رقم رانديگرن کي سڌي ريت چيڪ ذريعي جاري ڪئي وئي هئي.

واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف رهيو آهي ته هو پنهنجا معاملا هلائڻ لاءِ حڪومت کان فنڊز ناهي وٺندو ۽ هڪ آزاد ادارو آهي.

حڪومت طرفان 2017ع ۾ ڪرڪيٽرز کي انعام طور ادا ڪيل رقم حڪومت فنڊنگ شمار ناهي ٿيندي پر ماهرن ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي ته حڪومت صوابديدي فنڊز بدران پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي فنڊز مان ڪرڪيٽرز کي ڇو ادائيگيون ڪيون جڏهن ته پي ايس بي جي بجيٽ ٻين راندين لاءِ هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.