”گڏهه گاڏي واري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ۽ چيائين کٽي ويس ته پئسو ٺاهيندس“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل ۾ ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين تنيو دلچسپ واقعو ٻڌايو.
اليڪشن ٽربيونل ۾ اين اي 234 تان برابري پارٽي جي مظهر جعفر جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين تنيو ٻڌڻي ڪئي.
اپيل ڪندڙ وڪيل چيو ته ساليانو انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.
ان تي جسٽس خادم حسين تنيو ريمارڪس ڏنا ته جيڪو شخص ٽيڪس ناهي ڏيندو، اهو چونڊ ڇا وڙهندو، ٽيڪس ته ڏيڻ گهرجي، ٽيڪس گڏ نه ٿيڻ سبب ٻيا ملڪ هاڻ پاڪستان کي قرض به ناهن ڏيندا، اميدوار شايد چونڊن ۾ ٻه چار نوڪريون ۽ ڪجهه پئسي عيوض هٿ کڻڻ لاءِ حصو وٺي رهيو آهي.
ان موقعي تي جسٽس خادم حسين تنيو دلچسپ واقعو ٻڌايو ته 2001 ۾ سکر ۾ رٽرننگ آفيسر هيس، اميدوارن جي انٽرويوز دوران حيران ڪندڙ ڳالهيون سامهون آيون، گڏهه گاڏو هلائيندڙ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
هن ٻڌايو ته گڏهه گاڏي واري کان پڇيو ته اليڪشن ڇو ٿو وڙهڻ چاهين؟ جنهن تي هن چيو کٽي ويس ته اسيمبلي پهچي پئسو ٺاهيندس نه ته مخالف اميدوار ڪجهه نه ڪجهه ڏئي ئي ڇڏيندو.
جسٽس خادم حسين تنيو ريمارڪس ڏنا ته چونڊجي ڇا ڪرڻو آهي؟ گڏهه گاڏي واري جي سوچ جو اهو مرڪز آهي ته ملڪ ڪهڙي ترقي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.