نيوزيلينڊ خلاف ڪپتان شاهين بيٽنگ به ڪندو؟ پريڪٽس جي وڊيو وائرل

آڪالينڊ (ويب ڊيسڪ ) شاهين آفريدي نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان اڳ پريڪٽس سيشن دوران ” نو لُڪ سڪس “ جي مشق شروع ڪري ڇڏي.
شاهين آفريدي 12 کان 21 جنوري تائين نيوزيلينڊ خلاف ايندڙ پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڪپتان طور پنهنجي پهرين اسائنمينٽ جي تياري ڪري رهيو آهي.
هن آڪلينڊ ۾ نيٽ سيشن دوران پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي نه رڳو بالنگ تي ڌيان ڏنو پر بيٽنگ جون صلاحيتون پڻ ڏيکاريون.


شاهين آفريدي ايڊن پارڪ ۾ ليفٽ آرم اسپنر خلاف ” نو لُڪ “ ڇڪو هڻي متاثر ڪيو ۽ بيٽنگ ۾ پنهنجي اضافي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.