جعلي اڪائونٽس ڪيس، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بئنڪنگ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.
فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي ٻڌايو ته جن جوابدارن کي نوٽيس مليا هئا، اهي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيا آهن پر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس وصول نه ٿيا هئا.
عدالت فاروق ايڇ نائيڪ جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين کي 19 فيبروري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، ان کان اڳ ڪيس نومبر 2019 ۾ ڪراچي کان نيب ڪورٽ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو هو.
جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻيا جوابدار نامزد آهن، جن تي 4 ارب رپين جي مني لانڊرنگ سميت ٻيا الزام آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار انور مجيد ملڪ کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.