4 ورهين جي ٻار پنهنجي ڪلاس فيلو کي سون جي سِر تحفي ۾ ڏئي ڇڏي، ٻنهي جا والدين حيران

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ 4 ورهين جي ٻار پنهنجي ساٿي شاگردياڻي کي 42 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي سون جي سر تحفي ۾ ڏئي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حيران ڪندڙ واقعو چين جي ڏکڻ اولهه صوبي سيچوان ۾ پيش آيو، جتي هڪ پرائمري ڪلاس جي ننڍڙي شاگرد 42 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي سون جي سر پنهنجي ساٿي شاگردياڻي کي تحفي ۾ ڏني.
مهانگي ترين تحفي بابت واقعي جو علم تڏن ٿيو، جڏهن ننڍڙي شاگردياڻي پنهنجي گهروارن کي سون جي سر بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ والدين شاگردياڻي کي تحفو واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي 4 ورهين جي ٻار جي والدين سان رابطو ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب شاگردياڻي جي والدين شاگرد جي والدين کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن تي شاگرد جي والدين معافي گهرندي ٻڌايو ته هنن پنهنجي پٽ کي سمجهايو هو ته هو مستقبل ۾ اها سون جي سر پنهنجي زال کي تحفي طور ڏيندو پر ٻار اها پنهنجي ساٿي شاگردياڻي کي ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.