سياري ۾ بادام کائڻ سان بيمارين مان ڇوٽڪارو ملندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان پنهنجي خوراڪ کي متوازن بڻائڻ چاهيو ٿا ته خشڪ ميون کان بهتر ڪو آپشن ناهي.

خشڪ ميون ۾ گرمي جو اثر هوندو آهي ۽ اهي غذائيت سان ڀرپور هوندا آهن ان لاءِ ماڻهو سياري ۾ انهن جو وڌيڪ استعمال ڪندا آهن.

اهي ميوا رت جي ڳاڙهن سيلز کي وڌائيندا آهن ۽ ڪوليسٽرول جي سطح کي به گهٽ ڪندا آهن.

بادام ۾ رائبوفلاوين نالي مرڪب هوندو آهي جيڪو دماغي سيلز جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندو آهي.

ماهر بادام کي رات جو ڀڄائي صبح کائڻ جي صلاح ڏيندا آهن.

کنگهه، زڪام جي صورت ۾ بادام رات جو ڀڄائي رکجن ۽ سڀ جو کائي وٺجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.