آصف زرداري جو سوئي ۾ گئس پائپ لائن وڇائڻ جو واعدو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي سوئي ۾ گئس پائپ لائن وڇائڻ جو واعدو ڪيو آهي.
ڊيرا بگٽي ۾ پ پ جي چونڊ جلسي کي آصف علي زرداري مختصر ٽيليفونڪ خطاب ڪيو.
هن واعدو ڪيو ته سوئي ۾ گئس پائپ لائن وڇائيندس، گڏوگڏ اڳوڻي صدر مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.
آصف زرداري چيو ته مان هن ڌرتي جي ۽ توهان جي مسئلن کي سمجهان ٿو، توهان کي پنهنجو حصو ڏيارينداسين، پ پ توهان جا مسئلا حل ڪندي.
واضح رهي ته موسم جي خرابي سبب آصف زرداري جلسي ۾ نه پهچي سگهيو ۽ هن ڪارڪنن سان جلد اچڻ جو واعدو به ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.