توشا خانا ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ عمران خان جون ضمانت جون درخواستون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت توشا خانا ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنسز ۾ تحريڪ انصاف باني عمران خان جون ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
احتساب عدالت جي جج محمد بشير محفوظ فيصلو ٻڌايو ۽ ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
عدالت توشا خانا ريفرنس ۾ ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته نيب اختياريون 11 جنوري تي توشا خانا ريفرنس ۾ 12 شاهد پيش ڪنديون.
عدالت توشا خانا ڪيس کانپوءِ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ فرد جرم لاءِ 17 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.