فواد چوڌري جي اپيل خارج، چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل خارج ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
فواد چوڌري اين اي 60 ۽ اين اي 61 جهلم ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو آر او جو فيصلو چئلينج ڪيو هو.
اليڪشن ٽربيونل جي جج چوڌري عبدالعزيز فواد چوڌري کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏيندي سندس اپيل خارج ڪري ڇڏي ۽ آر او جو فيصلو برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.