2023 انساني تاريخ جو گرم ترين سال قرار، 2024 بابت ڇرڪائيندڙ اڳڪٿي

2023ع ۾ عالمي گرمر پد ۾ صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهائي 48 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح گذريل سال انساني تاريخ جو گرم ترين سال بڻجي ويو آهي.
يورپي موسمياتي اداري Copernicus طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته 2023ع انساني تاريخ جو گرم ترين سال رهيو ۽ گرمي پد ۾ اٽڪل 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
حقيقت ۾ رپورٽ موجب، 2023ع امڪاني طور تي گذريل هڪ لک سالن دوران سڀ کان گرم رهيو.
واضح رهي ته 2015ع ۾ پئرس معاهدي ۾ طئي ڪيو ويو هو ته عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ نه ڏنو وڃي.
هونئن تي سائنسدانن طرفان پهريان ئي 2023ع کي تاريخ جو گرم ترين سال قرار ڏنو پئي ويو پر نئين ڊيٽا موجب 2016ع ( جنهن کي پهريان انساني تاريخ جو گرم ترين سال قرار ڏنو ويو هو) جي ڀيٽ ۾ گذريل سال گرمي پد 0.17 سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو، 2023ع ۾ عالمي گرمي پد سراسري طور 14.98 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.
رپورٽ موجب، عالمي گرمي پد ۾ 2024ع بدترين واڌ ٿي سگهي ٿي ۽ ايندڙ ٻارنهن مهينا گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي سطح کان مٿي وڃي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، 2023ع ۾ گرمي پد ۾ بنيادي واڌ موسمياتي تبديلين سبب ٿي جنهن جي شدت ۾ ايل نينو وڌيڪ اضافو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.