شاهه رخ خان مداحن کي دنگ ڪرڻ لاءِ تيار، ايندڙ فلم جا تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان لاءِ گذريل سال ڪاميابيون سان ڀرپور رهيو ۽ سندس ٽن فلمن پٺاڻ، جوان ۽ ڊنڪي باڪس آفيس تي بهترين ڪمائي سميت ڪيئي نوان رڪارڊ ٺاهيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪار هاڻي هڪ انوکي ڪردار واري فلم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ سندس نامياري پرڊيوسرز وشال ڀردواج سان ڳالهه ٻول هلي رهي آهي.
وشال ڀردواج انڊسٽري ۾ مختلف ۽ انوکي انداز واريون فلمون ٺاهڻ سبب مشهور آهي هن اومڪارا، مقبول ۽ حيدر جهڙين شاندار فلمن جي هدايتڪاري ڪئي آهي.
ذريعن موجب، شاهه رخ خان پنهنجي مداحن کي سرپرائز ڏيڻ لاءِ وشال ڀردواج سان معاهدو ڪرڻ وارو آهي ۽ اِها امڪاني طور هڪ ٿرلر فلم هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان کي وشال ڀردواج جي نئين فلم جو اسڪرپٽ وڻي ويو آهي ۽ هو تمام جلد باظابطا طور فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪندو.
ياد رهي ته وشال ڀردواج ڪيئي ڀيرا شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.