تيل جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

ماهرن 2024 جي منڍ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
ماهرن موجب گهٽ طلب ۽ تيل جي وڌيڪ پيداوار سبب 2024 جي شروعات ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
توانائي ماهرن چيو آهي ته ڪمزور عالمي معيشت ۽ آمريڪا ۾ ڪچي تيل جي وڌندڙ انوينٽري سبب طلب ۾ گهٽتائي جي ڪري نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽ ٿيا آهن.
مارڪيٽ تي نظر رکندڙ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هن وقت ڪچي تيل جي سپلاءِ طلب کان وڌيڪ آهي، 2024 جي پهرين 6 مهينن لاءِ اميد ٿا ڪيون ته برينٽ (ڪروڊ) 60 کان 65 ڊالر في بيرل کان وٺي 85 کان 90 ڊالر في بيرل جي وچ ۾ رهندو.
ماهرن جو خيال آهي ته وچ اوڀر ۾ رڳو جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ئي تيل جي اگهن کي وڌائي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ تيل جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.