سلمان خان جي گهر ۾ گِهڙڻ جي ڪوشش، پوليس جو ايڪشن، ٻه ڄڻا گرفتار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ پنويل پوليس بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي فارم هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، صورتحال جو جائزو وٺندڙ پوليس آفيسر ٻڌايو ته فارم هائوس جي گارڊز گذريل هفتي ٻن ڄڻن کي فارم هائوس ۾ داخل ٿيڻ وقت پڪڙي ورتو هو جنهن کانپوءِ ٻنهي ڄڻن پنهنجو پتو ۽ نالا غلط ٻڌيا.
ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن سلمان خان جي ارپيتا فارم هائوس ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٻنهي جوابدارن جي سڃاڻپ اجيش ڪمار ۽ گرو سيوڪ سنگهه طور ٿي آهي، ٻنهي جو واسطو پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل سال سپر اسٽار سلمان خان کي هڪ فيسبوڪ پوسٽ ذريعي ڌمڪي ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ پوليس سندس سڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي.
آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.