پاڪستان مان تماڪ جي برآمدن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تماڪ جي برآمدن ۾ جاري مالي سال دوران سالياني بنيادن تي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان ملڪ کي 43.59 ملين ڊالر ناڻو حاصل ٿيو.
ڳڻپ بابت پاڪستان بيورو جي انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ تماڪ جي برآمدن سان ملڪ کي 43.59 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان ئي مدي جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
گذريل مالي سال جي ان ئي مدي ۾ تماڪ جي برآمدن سان ملڪ کي 31.57 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو هو، نومبر 2023 ۾ تماڪ جي برآمدن جو ڪاٿو 20.42 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو آڪٽوبر ۾ 4.96 ملين ڊالر ۽ نومبر 2023 ۾ 4.80 ملين ڊالر هو، مالي سال 2023 ۾ تماڪ جي برآمدن جو مجموعي ڪاٿو 77.80 ملين ڊالر رڪاڊ ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.