انوشي اشرف ”ارطغرل“ جي فون اٽينڊ نه ڪرڻ جو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا انوشي اشرف انڪشاف ڪيو آهي ته مشهور ترڪش ڊرامي ارطغرل غازي جي هيرو ۽ مشهور ترڪ اداڪار انگين آلتان کيس وڊيو ڪال ڪئي پر هوءَ مصروف هئڻ سبب کڻي نه سگهي.
اداڪار انوشي اشرف ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان اداڪارا کان ڪجهه دلچسپ موضوعن تي گفتگو ڪئي.
ڳالهه ٻول دوران اداڪارا ٻڌايو ته سندس هڪ تمام بهترين دوست استنبول ۾ رهي ٿو، جيڪو ترڪ اداڪار انگين آلتان جو به ويجهو دوست آهي ۽ سندس پاڙيسري پڻ آهي.
هن چيو ته مون پنهنجي دوست کي چيو ته ارطفرل پاڪستان جو تمام وڏو اسٽار آهي هن سان ملڻ لاءِ ماڻهو بي چين آهن اوهان ساڻس منهنجي ملاقات يا فون تي رابطو ڪرايو.
ادڪارا موجب، سندس دوست عيد جي ڏينهن مونکي ارطغرل سان ڪال ڪرائي هئي پر مان يوگا ۽ ميڊيٽيشن جي ڪلاس وٺي رهي هيس جنهن سبب ڪال اٽينڊ نه ڪري سگهيس.
انوشي اشرف چيو ته جڏهن سيل فون چيڪ ڪيو ته سندس ڪال ۽ ننڍڙي وڊيو ملي جنهن ۾ هن هيلو هاءِ کانپوءِ ٻڌايو هو ته مون اوهان کي ڪال ڪئي هئي پر اوهان اٽينڊ نه ڪئي، جنهن تي مون ڏاڍو برو محسوس ڪيو ۽ ڪال نه کڻڻ تي افسوس به ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.