ڀارتي اداڪار جي سالگرهه جو پوسٽر لڳائيندي 3 مداح ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪار جا ٽي مداح سندس سالگرهه جو پوسٽر لڳائيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪناڙا فلمن جي مشهور اداڪار يش جي سالگرهه جي موقعي تي سندس 3 مداح پوسٽر لڳائڻ لاءِ  بجلي جي ٿنڀي تي چڙهيا ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي اداڪار يش پنهنجي سالگرهه جون تقريبون ختم ڪري ڇڏيون ۽ ٽنهي مداحن جي گهر وڃي افسوس جو اظهار ڪيو، اداڪار ٽنهي فينز جي وارثن جي مالي مدد پڻ ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪار يش چيو ته اوهان جتان به منهنجي لاءِ نيڪ خواهشون اُماڻيندا مونکي ملنديون پر اهڙي طرح پنهنجي جان خطري ۾ وجهي محبت جو اظهار ڪرڻ ڪنهن لاءِ به سٺو ناهي.

اداڪار وڌيڪ چيو ته هن واقعي منهنجي سالگرهه کي افسوسناڪ ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اميد آهي ته مداح اهڙو ڪو قدم نه کڻندا جنهن سبب کين ۽ مون کي تڪليف پهچي ڇو ته مداحن جي تڪليف منهنجي تڪليف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.