ڪراچي ۾ ٿڌ جي حوالي سان موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي، جڏهن ته موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن ۾ موسم وڌيڪ ٿڌي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿڌ جي شدت برقرار آهي ۽ ڪراچي ۾ به ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ موسم وڌيڪ ٿڌي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ان دوران موسم خشڪ رهندي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر ۾ پارو 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي.
شهر ۾ هوا ۾ گهم جي شرح 67 سيڪڙو آهي ۽ اتر اوڀر کان هوائون 8 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.