روس ۾ خوفناڪ حادثو، ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) اتر اولهه روس ۾ هاءِ وي تي ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ سبب هڪ ٻار سميت گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب اهو حادثو ماسڪو ۽ سينٽ پيٽرز برگ کي ملائيندڙ ايم اليون هاءِ وي تي پيش آيو، تقريبن 50 گاڏيون امڪاني طور هاءِ وي تي برف سبب ٽڪرائجي ويون.
حادثي کانپوءِ ماسڪو کي سينٽ بيٽرز برگ سان ملائيندڙ هاءِ وي کي ٽريفڪ لاءِ بلاڪ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.