ڪوٽڙي ۾ زال مڙس ۽ سندن ٻار جا ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ زال مڙس ۽ انهن جي ٻار جا ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيا، پوليس واقعي واري هنڌان واردات ۾ استعمال ٿيل اوزار هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڄامشوري ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڪوٽڙي ۾ هڪ ئي خاندان جي 3 ڄڻن جا ڳلو ڪپيل لاش مليا.
مقتولن ۾ زال مڙس ۽ سندن ٻار شامل آهن، اهي ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي سڪندرآباد ڪالوني ۾ مسواڙ جي گهر ۾ رهندا هئا.
پوليس موجب لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته واقعي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس ٻڌايو ته واردات ۾ استعمال ٿيل اوزار هٿ ڪيو ويو آهي، واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو يا ڦر دوران، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.